قاضي ابو حنيفه بکري

قاضي ابو حنيفه بکري: سنڌ ۾ حنفي مذهب جو قاضي، وڏو عالم، زماني جو شيخ ۽ (انهيءَ دور جي) مشاهيرن مان هو. سلطان محمد تغلق جي زماني ۾ هن جي پاران بکر جو قاضي هو. جڏهن دنيا جو سياح محمد ابن بطوطه بکر ۾ (734هه) ۾ پهتو. تڏهن ساڻس ملاقات ڪيائين، جنهن جو ذڪر پنهنجي سفر نامي ۾ ڪيو اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو